خواجه غلام محمد نقشبندي

خواجه غلام محمد نقشبندي: خواجه غلام محمد نقشبنديءَ جو تعلق بکر سان هو. پنهنجي دور جو نامور جيد عالم ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو غلام محمد ۽ لقب خواجه حافظ هو. کيس عربي، فارسي، پنجابي ۽ اردو زبان تي عبور حاصل هو. هُو پهرين جامع مسجد قطب شاهه بکر جو خطيب ٿي رهيو. ان بعد بکر ۾ هڪ ’جامع مسجد‘ ٺهرايائين. هن سيپٽمبر 1886ع ۾ مرڪزي عيدگاهه بکر جو بنياد رکيو ۽ ان کي بادشاهي مسجد جي طرز تي تعمير ڪرايو. جامع مسجد ۽ عيدگاهه سندس يادگار تعميرات ۾ شامل ٿين ٿيون. خواجه غلام محمد، 14 ڊسمبر 1936ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مرڪزي قديمي عيدگاهه بکر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو